علامه محمد قاسم ڳڙهي ياسيني

علامه محمد قاسم ڳڙهي ياسيني: نامور عالم، مدرس، مفتي ۽ شاعر علامه محمد قاسم ولد مولانا محمد هاشم، پهرين جنوري 1988ع تي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. هن قرآن شريف ۽ فارسيءَ جي تعليم پنهنجي والد کان حاصل ڪئي. جيڪو پڻ پنهنجي دور جو مشهور فقيھ ۽ ناميارو مدرس هو. محمد قاسم ڪجهه ڪتاب مولانا عبدالغفور مفتون همايونيءَ وٽ پڙهيو ۽ دستاربند ٿيڻ بعد پنهنجي والد جي مدرسي ۾ درس ڏيڻ لڳو. مولانا صاحب نهايت ذڪي ۽ ذهين هو. درس ڏيڻ ۾ کيس مهارت حاصل هئي. ان ڪري سندس علمي شهرت پري پري تائين ڦهلجي وئي. سنڌ کان سواءِ بلوچستان، پنجاب ۽ افغانستان جا شاگرد سندس مدرسي ۾ پڙهڻ لاءِ ايندا هئا. علامه محمد قاسم، نقشبندي طريقي ۾ خواجا عبدالرحمان سرهنديءَ جي هٿ تي بيعت ڪئي. مولانا محمد قاسم عربي، فارسي ۽ سنڌيءَ ۾ نهايت فصيح ۽ بليغ هو. عربن سان جڏهن عربيءَ ۾ ڳالهائيندو هو ته سندس گفتگوءَ جي رواني ۽ فصاحت کي ڏسي خود عرب به حيرت ۾ اچي ويندا هئا. روايت آهي ته هڪ دفعي ڳڙهي ياسين جي زميندار شمس الدين خان دراني، غوث اعظم جيلاني بغداديءَ جي سجاده نشين خانقاهه سيد عبدالرحمان جي فرزند سيد جمال الدين جيلانيءَ کي دعوت ڏئي پاڻ وٽ ڳڙهي ياسين گهرايو ته سندس همڪلاميءَ ۽ ڪچهريءَ لاءِ مولانا محمد قاسم کي به دعوت ڏنائين. سيد جمال الدين مولانا جي فصيح عربي ڳالهائڻ کي ٻڌي ايترو ته محظوظ ٿيو، جو حاضرين مجلس کي چيائين ته، “مون قلات کان سُورت تائين سڄو هندستان ڏٺو آهي. ههڙو عالم ڪٿي به نه ڏٺو آهي.” علامه صاحب کي قضا ۽ فتويٰ نويسيءَ ۾ نهايت گهڻي مهارت حاصل هئي. ڪن موقعن تي بلوچستان جا سردار فيصلن نبيرڻ لاءِ کيس بلوچستان گهرائيندا هئا. هن ڪجهه ڪتاب به لکيا. جن مان فارسيءَ ۾ ‘فتاويٰ قاسميه’ ڇپيل آهي. باقي اڻ ڇپيل آهن. مولانا صاحب ‘قاسم’ تخلص سان شاعري به ڪئي آهي. سندس شعر نهايت شستا ۽ برجستا آهن. سندس گهڻو تڻو ڪلام فارسيءَ ۾ آهي.
علامه محمدقاسم ڳڙهي ياسينويءَ 7 اپريل 1931ع تي وفات ڪئي. سندس شاعريءَ جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
مٽ ماهه روئي مدني، اهل زمين جو ڇاهي،
نيڻن سندس برابر نرگس چمن جو ڇاه
مرسل جو معجزو ڏس آڱر مان چنڊ چيرڻ،
حاذق عصاءُ موسيٰ بيضا هٿن جو ڇاهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1988.01.01  عيسوي

نامور عالم، مدرس، مفتي ۽ شاعر علامه محمد قاسم ولد مولانا محمد هاشم، پهرين جنوري 1988ع تي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو.



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پير محمد شاهه فقير
جھمٽ مل نارومل وسناڻي
ثقفي موسيٰ بن يعقوب
شبير احمد عثماني علامه
سيد غلام علي شاهه
علامه غلام صديق شهدادڪوٽي
ابن هشام
مخدوم عبدالرحمان ٺٽوي
الحاج سيد پير الهيار شاهه
عبدالرحيم مفتي سڪندري
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون